ڀوڏيسر جو ماڳ

ڀوڏيسر جو ماڳ

ڀوڏيسرڀدريشر نگري

ڀوڏيسر/ڀدريشر نگري: هيءُ ماڳ ٿرپارڪر ضلعي جي ننگرپارڪر علائقي جو مشھور تاريخي ماڳ آھي. ھن وقت ان جا آثار ننگر پارڪر شھر کان ٻه ميل اتر اولهه ڪنڊ تي، ڪارونجھر جي دامن ۾ اھڙو ڏيک ڏئي رھيا آھن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنھن وقت ۾ ھتي خوشحاليءَ ۽ ھلچل وارو دؤر ھو. ھتي جي جاين جي آثارن مان خبر پوي ٿي. ڀوڏيسر جا ماڻھو خوشحال ھئا. ھن شھر جي جڙڻ جو واقعو ھن ريت بيان ڪيو ويو آھي ته جڏھن ھانسي راجا، گاديءَ جو ھنڌ پاري ننگر مقرر ڪيو ته ھانسي جي ڀاءُ ڀوڏي، ڀوڏيسر کي اچي وسايو. راڻي ڀوڏي، ڀوڏيسر ۾ پاڻيءَ لاءِ ھڪ تلاءُ ٺھرايو، جنھن ۾ چوپايو مال ويھندو ھو ۽ اھڙي سھولت پيدا ٿيڻ ڪري ھن علائقي ۾ وڌيڪ خوشحالي آئي. ڀوڏيسر جو تلاءُ ڏاڍو مشھور ٿيو. منگھا رام اوجھا ”پراڻي پارڪر“ ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته جڏھن سلطان محمود غزنوي، سومناٿ 1026ع ۾ فتح ڪري واپس موٽيو، تڏھن پاٽڻ جي راجا ڀيم ڏيو ۽ اجمير جي راجا ويسر ڏيوجيءَ وچ ۾ لڙائيءَ جي خبر ٻڌي. ھن ٿر مان لنگھڻ جو ارادو ڪيو، ڪڇ جي رڻ مان لشڪر جي ڀلجي وڃڻ سبب کين اڃ گھڻو پريشان ڪيو. آخر پاڻيءَ جي ڳولا ڪندي اچي ھڪڙي وڏي تلاءَ وٽ نڪتا. اھو ڀوڏيسر جو تلاءُ ھو. سلطان محمود ٻه ڏينھن ان تلاءَ جي ڪناري تي گذاريا. ڀوڏيسر جو تلاءُ ڇھين صديءَ عيسويءَ ۾ ٺھيو ھو. ڀوڏي جو نالو اصل ”ڀدريشر“ ھو، پر هن علائقي کي پوءِ ماڻھو ”ڀوڏيسر“ سڏڻ لڳا هئا. جڏھن ته ان جو اصل نالو ”ڀدريشر نگري“ هو. ھن تلاءَ جي ڊيگهه چار سؤ فوٽ ۽ ويڪر ٻه سؤ فوٽ هئي. ھن تلاءَ جي ڪناري تي محمود شاهه بيگڙي ۽ سوڍن جي وچ ۾ جنگ لڳي ھئي. ھن تلاءَ بابت ٻيون به ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشھور آھن. تلاءَ جي ڪناري تي مسجد به آھي، جنھن کي ”ڀوڏيسر جي مسجد“ سڏيو وڃي ٿو. (ڏسو: ڀوڏيسر مسجد)، چيو وڃي ٿو ته هيءَ مسجد اصل ۾ جين مندر هو، پر مظفر شاهه بيگڙي ان کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ۽ ان جي تعمير سورھين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. 1505ع محمود شاهه بيگڙي ٽيون ڀيرو ڀوڏيسر تي حملو ڪيو، جنھن ۾ ڏاڍي خونريزي ٿي ھئي. هن ئي هن مندر جي تعمير کي مسجد جي صورت ۾ تبديل ڪيو، ڀوڏيسر تلاءَ ۽ مسجد کان ٿوري پنڌ تي ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ جين ڌرم جو هڪ وڏو مندر موجود آھي، پر ان جي حالت خسته آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو